تاج محمد شيخ

تاج محمد شيخ

تاج محمد شيخ

تاج محمد شيخ: ليکڪ ۽ شاعر تاج محمد ولد غلام سرور شيخ 1 اپريل 1963ع تي جيڪب آباد شھر جي غريب آباد پاڙي ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي، ثانوي ۽ اعليٰ ثانوي تعليم جيڪب آباد ۽ حيدرآباد مان حاصل ڪئي. ايم. اي (سنڌي ادب) 1996ع ۾ شاهه عبداللطيف يونيورسٽي، خيرپور مان ڪئي. ان کانسواءِ پي. ٽي. سي، بي. ايڊ ۽ ايم. ايڊ پڻ ڪيل اٿس. 1989ع ۾تعليم کاتي ۾ استاد مقرر ٿيو، جتان 2023ع ۾ رٽائرڊ ٿيو. هاءِ اسڪول جي زماني ۾ فوٽ بال جو رانديگر ۽ پنھنجي اسڪول جي ٽيم جو ڪپتان پڻ رهيو. کيس ننڍپڻ کان ئي ادب سان لڳاءُ هو، غزل، نظم ۽ هائيڪي تي طبع آزمائي ڪئي اٿس. سندس شاعري، ڪھاڻيون ۽ تحقيقي مضمون مختلف ادبي رسالن ۾ شايع ٿيندا رهندا آهن. هي شيخ ويلفيئر ايسوسيئيشن جيڪب آباد جو 1991ع ۾ جنرل سيڪريٽري چونڊيو ويو. ٻاراڻي ادب تي لکيل سندس ٻن ڪھاڻين ’اميد‘ ۽ ’سرويچ سپاهي‘ کي دعوه اڪيڊمي، بين الاقوامي يونيورسٽي اسلام آباد طرفان بھترين ڪھاڻين جو انعام مليو. ڊائريڪٽر آف ايجوڪيشن لاڙڪاڻي پاران کيس 2000ع ۾ بھترين استاد جو سرٽيفڪيٽ ۽ ميڊل مليو ۽ نوجوان شاگرد تحريڪ جيڪب آباد پاران 1994ع ۾ کيس سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو. سندس ڇپيل ڪتابن ۾ ”شاهه لطيف جو علامتي شعور“ (ترتيب، تحقيقي مقالا:2007ع)، ”قرآني معلومات“ (2008ع) شامل آهن


لفظ تاج محمد شيخھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1963.04.01  عيسوي

ليکڪ ۽ شاعر تاج محمد ولد غلام سرور شيخ 1 اپريل 1963ع تي جيڪب آباد شھر جي غريب آباد پاڙي ۾ پيدا ٿيو. ا



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بلوچ هدايت
غلام رسول برهماڻي
رابندرناٿ ٽئگور
بهاؤالدين
شير محمد لغاري
چانڊيو عاشق
پريتم هنڱوراڻي
حاجن ’سائل‘ ميمڻ
سيد صاحبڏنو شاهه بلڙيءَ وارو
لطف سيال
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون